عليم خان جو سينيٽر پلوشه خان سان نامناسب رويو، اجلاس طلب

عليم خان جو سينيٽر پلوشه خان سان نامناسب رويو، اجلاس طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي سينيٽر پلوشه خان جي وفاقي وزير عليم خان خلاف نامناسب رويي جي الزامن جي نظر ۾ اڱاري 3 فيبروري تي صبح 11 وڳي اجلاس طلب ڪيو آهي.سينيٽ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، سينيٽر پلوشه خان پاران استحقاق جي تحريڪ پيش ڪئي وئي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته استحقاق جي تحريڪ وفاقي وزير عبدالعليم خان جي مبينا نامناسب رويي سان لاڳاپيل هئي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته عليم خان جي سينيٽر پلوشه خان سان مبينا نامناسب رويي جو واقعو 19 ڊسمبر 2025 تي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران پيش آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو