عدالتي فيصلو اعليٰ عدليه جي طئي ڪيل  اصولن موجب ناهي

عدالتي فيصلو اعليٰ عدليه جي طئي ڪيل اصولن موجب ناهي

لاهور: (ويب ڊيسڪ) عدالت طرفان پنجاب پراپرٽي آنر شپ آرڊيننس معطلي تي مريم نواز جو سخت رد عمل سامهون اچي ويو آهي جنهن ۾ هن چيو ته انهي فيصلي سان قبضه مافيا کي فائدو ملندو.پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف پنجاب پروٽيڪشن آف آنر شپ آف امموبيل پراپرٽي جي قانون مجريه 2025 جي معطلي تي رد عمل ڏيندي پنهنجي بيان ۾ چيو ته حڪومت سالن ۽ نسلن تائين هلندڙ زمين ۽ ملڪيت جي ڪيسز کي پهريون ڀيرو 90 ڏينهن ۾ طئي ڪرڻ جي حد مقرر ڪئي.هن چيو ته اسان سالن ۽ ڏهاڪن کان ستايل لکين اهل پنجاب جي مدد جو قانون ٺاهيو. عوام جي چونڊيل صوبائي اسيمبلي اهو قانون انهي لاءِ ٺاهيو ته جيئن طاقتور لينڊ مافيا جي شڪنجي مان عوام کي ڇوٽڪارو ملي. انهي قانون سان پهريون ڀيرو عوام کي پنهنجي قانوني زمين ۽ ملڪيت جي تحفظ جي طاقت ملي. جنهن جي لاءِ شهادت تي ٻڌل قانون تيار ڪيو ويو.مريم نواز پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته عدالتي فيصلو اعليٰ عدليه جي طئي ڪيل اصولن موجب نه آهي. انهي قانون جي معطلي سان قبضه مافيا کي فائدو ملندو. عوام انهي کي قبضه مافيا جي پٺڀرائي سمجهندا. جڏهن ته اهو قانون مظلوم عوام کي تحفظ ڏئي ٿو جنهن ۾ انتظامي ۽ قانوني سمورن رخن کي جامع انداز ۾ شامل ڪيو ويو آهي.هن چيو ته زمينن جي ڪيسز ۾ ڏهاڪن تائين اسٽي آرڊر هلندا آهن اهو قانون مريم نواز جي فائدي جي لاءِ هو نه ئي انهي جي معطلي سان اسان جي ذات کي ڪو نقصان ٿيو آهي ها پر قبضي ۽ لينڊ مافيا جي ستايل عوام کي ضرور وڏو نقصان ٿيو آهي. قانونسازي ڪرڻ صوبائي اسيمبلي جو آئيني حق آهي جنهن سان انهي کي روڪي نٿو سگهجي.پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته انهي قانون کي روڪڻ جو نقصان مريم نوازشريف جي ذات کي نه پر غريبن، مسڪينن، بي وس بيوائن ۽ مظلومن کي ٿيندو جنهن جي داد رسي نه ٿي رهي هئي. انصاف نه ملڻ سان غريب ۽ مظلوم جي ٻڌل اميد به ٽٽي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو