لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني فاسٽ بالر عامر جمال کي ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ مان ڊراپ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب فاسٽ بالر عامر جمال سينچورين ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ صرف هڪ اوور ڪيرايو.عامر جمال سينچورين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 8 اوور ڪرايا ۽ ٻي اننگز ۾ رڳو هڪ اوور ڪيو.عامر جمال جي جاءِ تي کاٻي هٿ جو فاسٽ بالر مير حمزه ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جا قوی امڪان آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته کاٻي هٿ جي اسپنر نعمان علي جي کيڏڻ جو امڪان ناهي.پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٻي ٽيسٽ سڀاڻي ڪيپ ٽائون ۾ شروع ٿيندي.










