عالمي منڊي ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ اضافو

عالمي منڊي ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ اضافو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي حملي کان پوءِ عالمي منڊي ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.برينٽ خام تيل جي قيمت 83 ڊالر في بيرل جي سطح تي پهچي وئي آهي.ٻئي طرف، واپار جي شروعات ۾ سون جي قيمت ۾ به تقريبن 2 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جنهن سان سون جي في اونس قيمت 88 ڊالر وڌي 5,176 ڊالر ٿي وئي آهي.ان کان علاوه، مختلف ملڪن جون اسٽاڪ مارڪيٽون به کساد بازاري جو شڪار آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪورين اسٽاڪ ايڪسچينج 6 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي جڏهن ته جاپان 3 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو