پشاور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ارباب عالمگير ۽ سندس گهر واري عاصمه عالمگير پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي عاصمه عالمگير چيو ته پارٽي قيادت جي پاليسين کان ناخوش آهي. هن چيو ته پارٽي جي مرڪزي نائب صدر اطلاعات واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. عاصمه عالمگير جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي پاليسين سبب اڄ خيبرپختونخواهه ۾ پيپلز پارٽي ڇهين نمبر تي اچي وئي آهي. هن جو اهو به چوڻ آهي ته هن اڃا تائين ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شموليت نه ڪئي آهي، ان حوالي سان مشاورت جاري آهي.










