طالبان نائن اليون کان به بدتر حالتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن

طالبان نائن اليون کان به بدتر حالتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جو پاڙيسري طالبان رجيم جي مدد ڪري رهيو آهي جيڪا نه صرف پاڪستان پر سموري خطي ۽ عالمي امن جي لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي.هڪ بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪجهه پاڙيسري ملڪ پنهنجي زمين تان دهشتگرد عناصرن کي پاڪستان جي خلاف ڪارروائين جي اجازت ڏئي ڏوهن ۾ ڀائيوار بڻجي ويا آهن. ڪجهه ملڪ نه صرف انهن جي سڌو سنئون مالي مدد ڪري رهيا آهن پر انهن کي ٽيڪنيڪي ۽ عسڪري ذريعا به فراهم ڪندا آهن.صدر آصف علي زرداري چيو ته طالبان رجيم اهڙيون حالتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن جيڪي نائن اليون جي اڳ واري دور کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن. صدر تازو دهشتگردي جي واقعي کان پوءِ پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي عالمي اڳواڻن ۽ ملڪن جو ٿورو ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو