ميھڙ(غلام حسين پنھور) ڳوٺ سوڀو خان مگسي ۾ سنڌ صوفي سيڪيولر فورم پاران مچ ڪچھري ٿي گذري جنهن ۾جھ نامياري قومي ۽ مزاحمتي شاعر امتياز عادل سومرو، تعليمي خدمتگار محمد راشد انيس مگسي سان ادبي رهاڻ رچائي وئي. تقريب جي صدارت نوجوان اديب محقق آزاد انور ڪانڌڙي ڪئي خاص مھمان امتياز عادل سومرو ۽ محمد راشد انيس مگسي ھيا. اعزازي مھمان جمال الدين چنا، گلزار ساھڙ، اطھر مگسي، عبد مگسي، ڊاڪٽر عبدالحليم مگسي ھيا. تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته امتياز عادل قومي ۽ مزاحمتي شاعر آهي ھو ڌرتي ۽ سرتي جو شاعر آهي امتياز عادل سگهارو ۽ پختو شاعر آهي. محمد راشد انيس وڏو تعليمي خدمتگار آهي جنهن ڳوٺ جي نياڻين کي مفت تعليم ڏئي وڏو مثالي ڪم ڪيو آهي. محمد راشد انيس تعليم جي روشني سان جھالت خلاف جنگ جوٽي آهي. تقريب ۾ اديبن، شاعرن وفاقي حڪومت پاران اديبن شاعرن کي ٽيڪس ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ پروگرامن جون دعوتون نه ڏيڻ واري شرط کي رد ڪري ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ تقريري مقابلا به ٿيا ۽ راڳ رنگ جي محفل ٿي گذري.










