صوفي ازم ورلڊ پاران صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل منعقد

صوفي ازم ورلڊ پاران صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل منعقد

نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري) سوسائٽي نوابشاهه ۾ ميخانه بيت التصوف تي حق صوفي ازم ورلڊ جي باني چيئرمين جي ايم فقير مست پروازي پاران معمول موجب صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل ٿي جنهن ۾ صوفي فنڪارن فقير علي مراد جتوئي، ساجد علي ساجد لڳي ڏکڻ جي ھير مارون منھنجا مير، تنهنجو اچڻ وڏو احسان چوان ۽ ٻيا صوفياڻيا ڪلام ٻڌائي فقيرن کي نچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. انهيءَ موقعي تي ميزبان فقير جي ايم مست پروازي چيو ته سنڌ جي اڪثر درگاهن ۽ ميخانن تي نظر نياز ورتو ويندو آهي ليڪن هن ميخاني تي ڪنهن کان به روپيو به نه ورتو ويندو آهي ۽ هتي ماني کارائڻ ۽ مهمانن جي خدمت ڪرڻ پنهنجي هڙان وڙان ڪندا آهيون.

هن چيو ته اسان جو اصل مقصد جيڪو آهي ته هن نفسا نفسي جي دور ۾ ذات، مذهب ۽ رنگ نسل جي متڀيد کان سواءِ ڊيوٽي ڏيندا آهيون ۽ هتي صرف انسانيت سان پيار ڪرڻ جو درس ڏنو ويندو آهي. جڏهن ته  صوفياڻي راڳ ويراڳ جي محفل پرھ ڦٽي تائين جاري رھي. جڏهن ته بھترين  ليکڪ سڄڻ سنڌي صوفي ازم تي روشني وڌي ۽ صوفين جي سوز بابت ڄاڻ پڻ ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو