ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صحت کاتي پوري صوبي ۾ ڊينگي جي تصديق ٿيل ڪيسن بابت تازي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ڀر ۾ مجموعي طور 5 هزار 511 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 1 هزار 130 ڪيس پوزيٽيو آيا. ڪراچي ڊويزن ۾ 3 هزار 937 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 527 ڪيسن جي تصديق ٿي. جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن ۾ 1 هزار 574 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 603 ڪيس پوزيٽيو آيا. سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ 129 نوان مريض داخل ٿيا، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ 126 نوان مريض داخل ٿيا. صوبي جي سرڪاري اسپتالن مان 96 مريض ۽ خانگي اسپتالن مان 111 مريض صحتياب ٿي گهر واپس ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري صوبي مان هڪ موت جي به رپورٽ ٿي آهي. هن وقت صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ 251 ۽ خانگي اسپتالن ۾ 264 مريض داخل آهن. ڪراچي جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي مريضن لاءِ 256 بستر، حيدرآباد ۾ 165 ۽ اندورن سنڌ ۾ 558 بستر مخصوص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پوري صوبي ڀر ۾ گڏيل طور 979 بستر ڊينگي مريضن لاءِ مختص آهن. ڪراچي جي خانگي اسپتالن ۾ ڊينگي مريضن لاءِ 185 بستر، حيدرآباد ۾ 208 ۽ اندورن سنڌ ۾ 66 بستر رکيا ويا آهن، يعني پوري صوبي ۾ خانگي شعبي ۾ مجموعي طور 459 بستر مخصوص آهن. پوري صوبي مان هن وقت 54 ليبارٽرين مان ڊيٽا حاصل ڪيو پيو وڃي. ڪراچي ۾ مجموعي طور 37 ليبارٽريون ڊينگي ٽيسٽ ڪري رهيون آهن، جن مان 12 سرڪاري ۽ 25 خانگي ليبارٽريون شامل آهن. حيدرآباد ۾ ڊينگي ٽيسٽ لاءِ 17 ليبارٽريون سرگرم آهن، جن مان 7 سرڪاري ۽ 10 خانگي ليبارٽريون آهن۔










