صمصام بخاري جي استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شموليت

صمصام بخاري جي استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شموليت

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ صمصام بخاري استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.صمصام بخاري چيو ته هو 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪن ٿا.استحڪام پاڪستان پارٽي جي چيئرمين جهانگير ترين چيو آهي ته صدر جي ڳالهه تي افسوس آهي، نٿو سمجهان ته عام چونڊون مارچ کان اڳتي ٿينديون.جهانگير ترين جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جي ماڻهن سان اسان جو رشتو آهي، جيڪڏهن تعلق آهي ته پي ٽي آءِ وارا ئي اسان جي پارٽي ۾ ايندا.هن چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽي تي پابندي نه لڳائي وڃي، مون کي سيفرنس بابت تفصيل جي خبر ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو