اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر ڊاڪٽر عارف علوي پيمرا ترميمي بل 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي.صدر پيمرا ترميمي بل 2023 تي صحيحون ڪيون.ان کان اڳ صدر عارف علوي پيمرا (ترميمي) بل تي حمايت جو يقين ڏياريو هو. ڊاڪٽر عارف علوي سان پي ايف يو جي، اي پي اين ايس، پي بي اي، سي پي اين اي ۽ امن امان جي نمائندن ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ صدر عارف علوي ميڊيا ورڪرن ۽ صحافي برادري کي پيمرا ترميمي بل جي حمايت جو يقين ڏياريو.










