اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قانون جي نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم چيو آهي ته صدر جو قدم آئين جي اُبتڙ آهي، هُن پنهنجي عهديدارن کي بدنام ڪرڻ جي چونڊ ڪئي، صدر 10 ڏينهن جي آئيني مُدي ۾ ڪوبه دڳ استعمال نه ڪيو، ٻئي بِلز قانون بڻجي ويا آهن،اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته صدر پهريون ڀيرو ٻنهي بِلز تي ڪو آئيني دڳ اختيار نه ڪيو، آئين تحت صدر يا بِلز منظور ڪري ها يا وري پنهنجي آبزويشن سان ٻيهر پارليامينٽ ڏانهن اُماڻي ها،احمد عرفان اسلم چيو ته نگران حڪومت وٽ سياسي مينڊيٽ نه آهي، اُها صدر جي باري ۾ ڪوبه تبصرو نٿي ڪري سگهي،اُن کان اڳ وفاقي قانون وزارت صدر جي بيان تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته صدر کي مڃڻ گهرجي ته هُن بِلز جي معاملي ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪئي.. سُڌ سماءَ جي نگران وفاقي وزير قانون واري وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته صدر خلاف ڪابه قانوني ڪارروائي نٿي ڪري سگهجي مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت صدر جي آفيس وڃي رڪارڊ تحويل ۾ نٿي وٺي سگهي، اسان اهڙي حرڪت نه ڪنداسين،هن چيو ته صدر آفيس ۾ اچي وڃي ته اُن کي قانوني تحفظ حاصل هوندو آهي، صدر اعتراض هئا ته بِلز تي لڳائي واپس اُماڻي ها، هو ماضي ۾ به ائين ڪندو رهيو آهي، صدر جي ٽوئيٽ سان ڪنهن به قسم جو طوفان نه آيو آهي، آئين جو آرٽيڪل 75 اِن معاملي ۾ واضح آهي










