صدر 4 ڏينهن جي دوري تي عراق پهچي ويو

صدر 4 ڏينهن جي دوري تي عراق پهچي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري 4 ڏينهن جي دوري تي عراق پهچي ويو آهي.بغداد پهچڻ تي، عراقي اختيارين بغداد ۾ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو.اعليٰ عراقي قيادت سان صدر جي ملاقاتن دوران، مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي بحث ٿيڻ جي اميد آهي.صدر آفيس جي بيان موجب، صدر جو دورو پاڪ-عراق لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندو.ان کان علاوه، صدر زرداري پرواز دوران برادر اسلامي ملڪ ايران سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. جڏهن جهاز ايراني هوائي حدن ۾ داخل ٿيو، ته پاڪستان جي صدر ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي ۽ صدر مسعود پيشڪشيان کي پيغام موڪليو ۽ خطي ۾ باهمي احترام ۽ لاڳاپن جي فروغ تي زور ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو