ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جي اطلاعات کاتي کي ڏنل مينڊيٽ موجب صحافين ۽ پريس ڪلبن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن اها ڳالهه پنجين فالو اپ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. ڪراچي پريس ڪلب (ڪي پي سي) جي صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي جي ميمبرن جو اجلاس اڱاري ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ منعقد ٿيو. اطلاعات واري سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ چيو ته صحافين کي الاٽ ڪيل پلاٽن تي ترقياتي منصوبا تيار ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل کاتن کي متحرڪ ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ سيڪريٽري اطلاعات ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل نجب الدين سهتو کي تجويز ڏني ته هو ڪراچي پريس ڪلب جي آفيسرن سان ملاقات ڪري ته جيئن پلاٽن جي الاٽمينٽ ۽ تيسر ٽائون ملير ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي جرنلسٽس هائوسنگ سوسائٽي جي صورتحال کي منظم ڪري سگهجي. ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي ۽ سيڪريٽري ڪراچي پريس ڪلب شعيب احمد ڪراچي پريس ڪلب جرنلسٽس هائوسنگ سوسائٽي کي الاٽ ڪيل زمين جي ترقي ۽ 700 پلاٽن جي اضافي الاٽمينٽ بابت آگاهي ڏني. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل لياري ڊيولپمينٽ اٿارٽي سيد شبيه الحسن اجلاس کي ٻڌايو ته ڪراچي پريس ڪلب جرنلسٽس هائوسنگ سوسائٽي جي بلاڪ 2، 3، 3 A، 3 A 1 ۽ بلاڪ 68 جي 1380 کان وڌيڪ پلاٽن جي ترقياتي ڪمن لاءِ پي سي ون فنڊ جاري ڪرڻ لاءِ لوڪل گورنمينٽ کي موڪليو ويو آهي. سيڪريٽري اطلاعات چيو ته اجلاس ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه موجب لينڊ يوٽيلائيزيشن ڊپارٽمينٽ، لوڪل گورنمينٽ، ايل ڊي اي ۽ ايم ڊي اي سميت سمورن لاڳاپيل کاتن سان پلاٽن جي الاٽمينٽ ۽ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان وڌيڪ ضروري رابطا ڪيا ويندا. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز محمد سليم خان، ايڊيشنل سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ لياقت علي ڀٽي، ڊپٽي سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن ڊپارٽمينٽ غضنفر علي عباسي، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن اختر علي سرهيو، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايم ڊي اي محمد لئيق احمد، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ملير نواب سمير اسسٽنٽ ڪمشنر ماڙي پور محمد اشرف سانگري، ڊپٽي ڊائريڪٽر لينڊ ايم ڊي اي ذيشان احمد خان ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن صاحب خان ڀنڊ شرڪت ڪئي.










