شڪارپور (عبدالخالق سومرو) چانھ پيئڻ سبب 20 ڄڻن جي حالت خراب اسپتال منتقل. تفصيل موجب شڪارپور جي ڳوٺ بورڙي سيٺار ۾ تعزيت دوران پيش ڪيل چانهه پيئڻ سبب 20 عورتن ۽ ٻارن جي حالت اوچتو خراب ٿي وئي. متاثر ماڻهن کي الٽيون اچڻ ۽ بيهوشي جي ڪري فوري طور ايمبولنس ذريعي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن هنگامي بنيادن تي طبي امداد فراهم ڪندي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي. پوليس موجب متاثر عورتن ۾ گل خاتون، حاجران، رحيمان، انيلاڻ سميت ٻين جا نالا شامل آهن. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته سڀئي مريض هن وقت خطري کان ٻاهر آهن. پوليس چانهه جا نمونا حاصل ڪري ليبارٽري موڪلي ڇڏيا آهن، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي۔










