شڪارپور: (ن س ) شڪارپور ۾ جعفر ايڪسپريس کي ڌماڪي سان اڏائڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي.سلطان ڪوٽ ويجهو همايون اسٽيشن تي ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪو ٿيو. ريلوي پوليس موجب ڌماڪو ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس مسافر ٽرين کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو. ڌماڪي کان ڪجهه منٽ اڳ جعفر ايڪسپريس محفوظ طور تي گذري وئي.ريلوي اختيارين موجب، ڪوئيٽا کان پنجاب ويندڙ عيد اسپيشل ٽرين کي احتياط طور روڪيو ويو، سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ايس ايس پي شڪارپور سان رابطو ڪيو ۽ ڌماڪي جي تفصيل طلب ڪئي. ايس ايس پي شڪارپور موجب ڌماڪي سبب ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو، پر ٽريڪ متاثر ٿيو آهي.










