شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) شڪارپور ۾ افسوسناڪ واقعو: پوليس فائرنگ ۾ ايس ايڇ او علي حسن جتوئي شهيد، غلط فهمي جو انڪشاف، شڪارپور جي علائقي لکي غلام شاهه ڀرسان هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو جتي فائرنگ جي نتيجي ۾ گولو دڙو ٿاڻي جو ايس ايڇ او علي حسن جتوئي شهيد ٿي ويو. واقعو سکر-لاڙڪاڻو روڊ تي ريلوي ڦاٽڪ ويجهو پيش آيو، جنهن علائقي ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪري ڇڏيو. ابتدائي ڄاڻ موجب ايس ايڇ او علي حسن جتوئي پنهنجن گن مينن سان گڏ سکر کان گولو دڙو ڏانهن هڪ خانگي گاڏي ۾ سفر ڪري رهيو هو. انهي دوران لکهي غلام شاهه ڀرسان پوليس سندن گاڏي کي بيهڻ جو اشارو ڪيو، پر گاڏي نه بيهڻ سبب تعاقب شروع ڪيو ويو. پوليس اختيارين موجب تعاقب دوران صورتحال تڪراري ٿي وئي ۽ مختلف ٿاڻن جي پوليس به سرگرم ٿي وئي. آءِ سي جهان خان ٿاڻي طرفان ريلوي ڦاٽڪ بند ڪرايو ويو، جنهن بعد مختلف پوليس ٽيمون آمهون سامهون اچي ويون ۽ فائرنگ جو ڏي وٺ ٿيو. فائرنگ جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او علي حسن جتوئي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ترت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هو علاج دوران زخمن جا سٽ نه سهندي شهيد ٿي ويو. ابتدائي جاچ موجب هي واقعو امڪاني طور غلط فهمي ۽ گاڏي جي سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب پيش آيو. پوليس جو چوڻ آهي ته اهلڪارن گاڏي کي شڪي سمجهي ڪارروائي ڪئي، جيڪا بعد ۾ هڪ افسوسناڪ سانحي ۾ تبديل ٿي وئي. واقعي کان پوءِ ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ملڪ فوري نوٽيس وٺندي ٻن پوليس اهلڪارن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ انهن کان جاچ جاري آهي. هن شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ لاءِ اي ايس پي شڪارپور جي اڳواڻي ۾ هڪ جاچ ڪميٽي به قائم ڪئي آهي، جنهن کي 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو پڻ واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ سينيئر آفيسرن تي ٻڌل جاچ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن واقعي جي سڀني پاسن جو جائزو وٺي سگهجي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث اهلڪارن جي سڃاڻپ ڪري انهن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.










