شڪارپور (عبدالخالق سومرو) ننڍي کنڊ جي وڏي شاعر شيخ اياز جي ستانوي هين سالگرهه سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور پاران مقامي هوٽل ۾ ملهائي وئي، ان موقعي تي ڪالمسٽ نسيم بخاري چيو ته شيخ اياز سان سندس اديب دوستن اها وڏي زيادتي ڪئي جو وصيت باوجود کيس جنم ڀومي شڪارپور ۾ نه دفنايو ويو نه ئي اڄ ڏينهن تائين شيخ اياز کي سندس جنم ڀوميءَ ۾ سالگرهه يا ورسيءَ جي موقعي تي سرڪاري سطح تي ياد ڪيو ويو آهي، ڪالمسٽ ھمير چانڊيو چيو ته جنهن ڏينهن سنڌ ۾ محب وطن حڪومت قائم ٿي ان ڏينهن اسين شيخ اياز جي جسد خاڪي کي ڀٽ شاهه مان کڻي شڪارپور ۾ کڻي اچي دفنائينداسين، ڪالمسٽ عديل مهر چيو ته شيخ اياز کي ٽڪرن ۾ نه ورهايو وڃي، جيڪي ماڻهو ان جي ترقي پسند ۽ لبرل خيالن کي ساراهن ٿا سي شيخ اياز جي دعائن ۾ ڏنل درس کي به سمجهن. شاعر زبير سومرو چيو ته شيخ اياز جي شاعريءَ کي ڪتابن مان خارج ڪري ثقافت کاتي ادبي بدديانتي جو مظاهرو ڪيو آهي خود اياز جي دوستن سرڪاري سطح تي شايع ٿيل ڪتابن ۾ ايڊيٽنگ جو گناھ ڪيو آهي، شهيد الله بخش سومرو جي پوٽي ۽ پي ٽي آءِ ضلعي شڪارپور جي صدر ڊاڪٽر عامر عباس سومرو چيو ته مونکي فخر آهي ته شيخ اياز جو تعلق شڪارپور شهر سان آهي، شيخ اياز اسان جي سمورن شاعرن کان پنهنجي حيثيت ۾ قد ڪاٺ ۾ مٿي بيٺل آهي ان موقعي تي سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت سجاد مهر، حاڪم گل مهر ۽ ٻين پڻ خيالن جو اظهار ڪيو جنھن کانپوءِ شيخ اياز جي سالگره جو گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو ان موقعي تي شاهد سومرو ۽ برڪت سومرو شيخ اياز جا غزل ترنم ۾ ڳائي شاعرن اديبن جون دليون جهومائي ڇڏيون.










