پشاور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي کي باچا خان ايئرپورٽ تي جهاز مان آف لوڊ ڪيو ويو.شوڪت يوسفزئي جو وڊيو بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته هو عمري جي لاءِ سعودي عرب وڃي رهيو هو ته کيس باچا خان ايئرپورٽ تي روڪيو ويو.پنهنجي وڊيو بيان ۾ شوڪت يوسفزئي چيو ته بورڊنگ پاس ۽ ڪليئرنس ملڻ کانپوءِ ان کي ڇو روڪيو ويو؟ منهنجو بورڊنگ پاس به مون کان ورتو ويو.اڳوڻي صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته منهنجو نالو نه اي سي ايل ۾ آهي ۽ نه ئي منهنجي خلاف ڪا ايف آءِ آر آهي پر ان باوجود مونکي پشاور ايئرپورٽ تي روڪيو ويو. شوڪت يوسفزئي چيو ته ڪيترائي ڪلاڪ ايئرپورٽ تي ويهڻ کانپوءِ کيس وڃڻ جو چيو ويو، هو ان خلاف عدالت وڃي رهيو آهي.










