شهيد ڀٽو جي 42 هين ورسي سادگي سان ملهائي پئي وڃي

شهيد ڀٽو جي 42 هين ورسي سادگي سان ملهائي پئي وڃي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اڄ پوري ملڪ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين ورسي عقيدت ۽ سادگي سان ملهائي پئي وڃي. پارٽي پاران مرڪزي تقريب راولپنڊي ۾ جلسي جي صورت ۾ منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو پر ڪوورونا سبب اها ملتوي ڪئي وئي. بلاول ڀٽو ان موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن کيس شهيد نه ڪيو وڃي ها ته اڄ متحرڪ معيشت ۽ معاشري سان گڏ پاڪستان فلاحي رياست هجي ها. هن چيو ته آمر ضياءَالحق پاڪستان جي ابن ڏاڏن ۽ پاڪستان جي ايندڙ نسلن جي خوابن جو قتل ڪيو. هن چيو ته جن ڳالهين جو اڄ اسانکي احساس ناهي اهي سڀ شهيد ڀٽو ڏنا، سڀ شهري آئين موجب برابر، ووٽ جو حق، شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ، مزدور ۽ شاگردن جي يونين، 8 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ هفتي ۾ مزدورن هڪ ڏينهن موڪل، ليبر لاز، 1973 جو متفقه آئين، استيل ملز، هيوي مڪينيڪل ڪمپليڪس جهڙا وڏا صنعتي منصوبا، ايٽم بم، ميزائيل ٽيڪنالوجي شامل آهن. هن چيو ته اسين سندس مشن جاري رکڻ جو عهد ٿا ڪريون.

پهنجو تبصرو موڪليو