شهيد ذوالفقار ڀٽو انجنيئرنگ ڪاليج  قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اجلاس

شهيد ذوالفقار ڀٽو انجنيئرنگ ڪاليج قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اجلاس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت پاران ميمڻ ڳوٺ، گڏاپ ٽائون، ڪراچي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انجنيئرنگ ڪاليج قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس جي گڏيل صدارت صوبائي وزير يونيورسٽيز محمد اسماعيل راهو، منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير ڄام خان شورو، ۽ تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ڪئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري يونيورسٽيز محمد عباس بلوچ، سيڪريٽري تعليم زاهد عباسي، وائيس چانسلر دائود يونيورسٽي ڊاڪٽر ثمرين، ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سفارش ڪئي وئي ته اسڪيم جي دائري ۾ ترميم دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي سان صلاح مشوري کان پوءِ ڪئي وڃي ته جيئن فني ۽ تعليمي پهلوئن کي حقيقي ضرورتن موجب ٺاهي سگهجي. ترجمان موجب، اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي مؤثر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ڪميٽي ۾ سيڪريٽري يونيورسٽيون، سيڪريٽري تعليم، چيف انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس، ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس، ۽ وائيس چانسلر دائود يونيورسٽي شامل آهن. صوبائي وزيرن اسماعيل راهو، ڄام خان شورو ۽ سيد سردار علي شاهه ٻڌايو ته اسڪيم جي نگراني ۽ انتظامي معاملا يونيورسٽيز کاتي سنڌ جي ماتحت رهندا، جڏهن ته منصوبي جو تعميراتي ڪم ايجوڪيشن ورڪس ڊپارٽمينٽ انجام ڏيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو