ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) تيموريه پوليس اسٽيشن هڪ شهري کان لکين رپيا ڦر ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.ايس ايس پي سينٽرل ڊاڪٽر عمران چيو ته 2 ڏينهن اڳ هڪ شهري کان 2.9 ملين رپين جي ڦر جو واقعو پيش آيو، تيموريه پوليس 48 ڪلاڪن اندر ڪيس حل ڪري ورتو ۽ جوابدارن کان 2.2 ملين رپيا هٿ ڪيا ويا.هن چيو ته اهو واقعو مدعي جي پنهنجي دوست پنهنجي ساٿين سان گڏجي ڪيو هو. جوابدارن واقعي کان اڳ رستي جي ڳولا ڪئي ۽ پوءِ واقعي کي انجام ڏنو. جوابدارن جي قبضي مان جعلي هٿيار به هٿ ڪيا ويا.ايس ايس پي ڊاڪٽر عمران وڌيڪ چيو ته واقعي ۾ لُٽيل رقم مدعي پاران غلط لکي وئي هئي. جڏهن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ته معلوم ٿيو ته اصل رقم 2.2 ملين رپيا هئي. جوابدارن جو اڳوڻو ڪرمنل رڪارڊ ناهي.










