شهدادڪوٽ: ٽريڪٽر ۽ ويگن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا فوت، 10 زخمي

شهدادڪوٽ: ٽريڪٽر ۽ ويگن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا فوت، 10 زخمي

شهدادڪوٽ: (ن س) شهدادڪوٽ سجاول روڊ تي شادي جي تقريب جي ويگن ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر ٿي پيو. حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو. حادثي ۾ هڪ عورت سميت ٽي ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته شادي ۾ شامل 10 مهمان زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن جي وڏي نفري به موقعي تي پهچي وئي.ريسڪيو ٽيمن جي مدد سان پوليس فوري طور تي فوت ٿيلن ۽ زخمين جي لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو. ڪيترن ئي زخمين جي حالت پڻ نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ٽريڪٽر ٽرالي جي ڊرائيور خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي، ۽ ضروري ڪارروائي کان پوءِ فوت ٿيلن جا لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو