هالا: (ن س) شھدادپور ۾ پوليس جي تشدد ۾ مبينا قتل ٿيل پرائمري ھيڊ ماستر عبدالعزيز جکرو جي خون سان انصاف لاء ھالا قومي شاهراهه تي لڳل ڌرڻو ٻئي ڏينھن بہ جاري آھي، پوليس جا وڏا اٽالا ڌرڻي واري ھنڌ پھچي ويا آھن، فائر برگيڊ کي بہ طلب ڪيو ويو آھي،ھالا قومي شاھراھ تي لڳل ڌرڻي ۾ عورتن سميت سياسي سماجي اڳواڻ به موجود اھن، پوليس پاران روڊ کولائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن پر مظاھرين روڊ کولڻ لاء تيار ناھن، ڪنھن بہ وقت پوليس مظاھرين تي لاٺي چارچ ڪري سگھي ٿي،ڌرڻي دوران مقتول جا وارث پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري رھيا آھن، ڌرڻي سبب ھزارين گاڏيون ڦاٿل آھن، مسافر اچ وڃ دوران سخت مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا آھن، وارثن جو چوڻ آھي جيستائين ملوث جوابدار گرفتار نہ ٿيندا تيستائين ڌرڻو جاري رھندو، شھدادپور پوليس جي تحويل ۾ مبينا قتل ٿيل استاد جي قاتلن جي گرفتاري لاء لڳل ڌرڻو ٻئي بہ ھالا قومي شاھراھ جاري آھي.










