شهدادپور: شاليمار جون چار بوگيون اوچتو پٽڙي تان لهي ويون

شهدادپور: شاليمار جون چار بوگيون اوچتو پٽڙي تان لهي ويون

شھدادپور: (ن س) شھدادپور ريلوي اسٽيشن وٽ ڪراچي کان لاھور ويندڙنان اسٽاپ اپ شاليمار ايڪسپريس جون چار اي سي پارلر بوگيون اوچتو پٽڙي تان لھي ويون جنهن جي نتيجي ۾ مسافرن ۾ دانهون پئجي ويون ڪوبہ جاني نقصان نہ ٿيو. حادثي جي نتيجي ۾ بوگين ۽ اپ ڊائون ريلوي پٽڙين کي وڏو نقصان پھتو آھي اپ ۽ ڊائون ريلوي آمدورفت معطل بنجي وئي ٽرين جون بوگيون لھڻ سبب مسافر سخت پريشان بڻيل آھن.ريلوي اختيارين امدادي ڪم شروع نہ ڪيو آھي ريلوي جي عملي جو چوڻ ھو تہ شھدادپور ريلوي اسٽيشن تي ڪراچي کان پشاور ويندڙ اپ عوامي ايڪسپريس بيٺل ھئڻ ڪري پويان کان ايندڙ اپ شاليمار ايڪسپريس کي لوپ لائين تان گذارڻ لاء سگنل ڏئي گذارڻ دوران لوپ لائين تي ايندي ئي اوچتو 4 اي سي پارلر جون 4 -5-6۽ 7 نمبربوگيون پٽڙي تان لھي ويون ٽرين لوپ لائين تي اچڻ دوران بلڪل آھستي ھئڻ سبب وڏي نقصان ٿيڻ کان بچي وئي آھي. ٽرين جا مسافر سخت پريشان بڻيل آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو