لاهور(ويب ڊيسڪ) عدالت ۾ پيشي دوران وزيراعظم جي معاون شهباز تي گِلُ تي انڊن سان حملو ڪيو ۽ مٿس مَسُ اڇلائي وئي جيڪا هن کي نرڙ ۽ هٿ ۾ لڳي. انڊا ۽ مس اڇلائيندڙ کي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۽ پنجاب پوليس ڪيرائي تشدد ڪيو پر پوليس فوري طور هن کي ڪارڪن جي مارڪٽ کان بچائي ورتو. ٻڌايو پيو وڃي ته مَسُ اڇلائيندڙ جو تعلق مسلم ليگ (ن) سان آهي. ياد رهي ته وزيراعظم جي اعتماد جو ووٽ وٺڻ واري ڏينهن پارليامينٽ ٻاهران مسلم ليگي اڳواڻن تي حملو ڪندڙ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي شاباش ڏيڻ شهباز گِلُ پهتو هو. شهباز گل لاهور جي عدالت آيو ته اڳ ۾ ئي ڇٽي جو بندوبست ڪري آيو هو جيئن ڪو جوتو يا مس وغيره کيس نه لڳي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) وارا پنهنجي ڪرتوتن جي ڪارنهن مٿس اڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي. واضح رهي ته مريم نواز چيو هو ته هو حساب چڪتو ڪندا ۽ هڪ چماٽ جي بدلي 10 چماٽون هڻڻ ڄاڻون ٿا.










