ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ ايم اين اي شرميلا فاروقي 6 سالن کان پوءِ پنهنجي پي ايڇ ڊي جي ڊگري وصول ڪري ورتي.انسٽاگرام تي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان ڪيل هڪ پوسٽ ۾ هن پي ايڇ ڊي ڊگري وصول ڪندي تصوير شيئر ڪئي. جنهن تي شرميلا فاروقي جي مڙس هشام شيخ به کيس ڊگري حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني آهي.شرميلا فاروقي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته هن لمحي جو مان تقريبن 6 سال انتظار ڪيو آهي مان پنهنجي اها ڊگري والد جي نالي ڪريان ٿي جنهن مون کي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي هدايت ڏني.










