ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرز جي اعزاز ۾ مانجھاندو ڏنو ويو.مانجھاندي جي تقريب ۾ پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان، خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرز نير حسين بخاري، نديم افضل چن، قمر الزمان ڪائره، چودھري منظور، همایون خان، قومي اسيمبلي جو رڪن اعجاز جھڪراني، صوبائي وزير براءِ بلديات سيد ناصر حسين شاهه، صوبائي وزير براءِ محنت و سماجي تحفظ سعيد غني، سهيل انور سيال ساجد اسحاق دشتي،آغا شڪيل درانی ۽ ٻين جي اعزاز ۾ سندن رهائشگاهه تي مانجھاندي جو اهتمام ڪيو ويو.مانجھاندي جي موقعي تي پارٽي جي تنظيمي معاملن، ملڪ جي سياسي صورتحال، ۽ ايندڙ حڪمت عملي تي تفصيلي تبادلو خيال ڪيو ويو.ملاقات دوران شرڪت ڪندڙن ملڪ جي موجوده سياسي فضا، وفاقي رابطا ۽ عوامي فلاح و بہبود وارن منصوبن جي تسلسل تي ڳالھ ٻولھ ڪئي. اڳواڻن سنڌ حڪومت جي عوام دوست پاليسين ۽ ترقياتي قدمن جي ساراهه ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي هميشه عوامي خدمت کي ترجيح ڏني آهي ۽ اها ئي ان جي سياسي طاقت جو بنياد آهي.شرجيل انعام ميمڻ پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان، خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي ۽ پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن کي سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبن کان آگاهه ڪيو، جن ۾ پيپلز بس سروس، اي وي بس سروس، سنڌ پيپلز هائوسنگ فائونڊيشن، ۽ ٿر جي توانائي ۽ ترقياتي منصوبا شامل آهن.پيپلز پارٽي جي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته موجوده سياسي چئلينجز جي باوجود پيپلز پارٽي وفاق جي علامت طور پنهنجو فعال ۽ تعميري ڪردار جاري رکندي، ۽ ملڪ جي وحدت ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندڙ.ملاقات جي اختتام تي شرجيل انعام ميمڻ سڀني اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پارٽي عوامي خدمت، ترقي ۽ استحڪام جي سفر کي ڀرپور انداز ۾ اڳتي وڌائي رهي آهي.










