دادو(ايس ايم لغاري) ڳوٺ ٻڍو پنهور ۾ شاگردياڻي سان تذليل وارو معامرو، ڪيس ۾ نامزد ٻہ وڌيڪ جوابدار گرفتار، شاگردياڻي انصاف جي اوسيئڙي ۾، دادو ڀرسان ڳوٺ ٻڍو پنهور ۾ هڪ هفتو اڳ شاگردياڻي حميرا پنهور کي اغوا جي ڪوشش دوران ڪپڙا ڦاڙي تذليل ڪندڙ 6 جوابدارن مان 4 ڄڻن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، فريادي بلاول پنهور جي فرياد تي 6 جوابدارن صدام حسين، محمد سومرو، پوليس اهلڪار بخشل پنهور، اويس پنهور، قربان عرف پپو ۽ نديم پنهور تي اغوا ۽ تذليل جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، نامزد جوابدارن مان ڪجهہ ڏينهن اڳ رڪڻ پوليس ٻن جوابدار صدام ۽ سومر کي گرفتار ڪري ورتو هو جڏهن تہ پيارو اسٽيشن پوليس جي انچارج ممتاز پنهور بمع سپاهہ ڳجهي اطلاع تي جوابدارن جي ڳوٺ ۾ ڪاروائي ڪندي وڌيڪ ٻن مُک جوابدارن قربان عرف پپو پنهور ۽ نديم پنهور کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ان موقعي تي انچارج ٻڌايو تہ ڪيس ۾ گهربل ٻين جوابدارن کي بہ ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ رضا ملڪ جي حڪم تي جلد گرفتار ڪيو ويندو، شاگردياڻي سان انصاف ڪيو ويندو، پيارو اسٽيشن پوليس گرفتار مک جوابدارن قربان عرف پپو ۽ نديم پنهور کي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت 3 ڏينهن جي رمانڊ تي جوابدارن کي پيارو اسٽيشن پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جوابدارن کي رڪڻ ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪيو ويو آهي.










