شاهه نوراني جي زائرين جي ٽرڪ ڪلٽي 17 فوت 52 زخمي

شاهه نوراني جي زائرين جي ٽرڪ ڪلٽي 17 فوت 52 زخمي

حب چوڪي(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي حب ۾ اربع تي زائرين کي کڻي ويندڙ ٽرڪ تيز رفتاري سان موڙ ڪاٽڻ وقت ڪلٽي ٿي کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 17 ڄڻا فوت ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. حب جي اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ آف پوليس احمد طلحه ولي مطابق مارجي ويلن ۽ زخمين جي تعداد جي تصديق ڪئي. هن چيو ته ٽرڪ ۾ 60 کان مٿي ماڻهن کي کڻي ٺٽي کان خضدار ۾ واقع شاهه نوراني جي درگاهه ڏانهن وڃي رهي هئي. هن چيو ته واقعو گذريل رات 10 وڳي پيش آيو، زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حب جي ڄام غلام قادر اسپتال ۽ ٽراما سينٽر ڪراچي ريفر ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ ايڌي فائونڊيشن جي حب انچارج منان بلوچ جو چوڻ هو ته لاشن ۽ زخمين کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن خميس جي صبح مڪمل ڪيو. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير واقعي تي افسوس ظاهر ڪندي زخمين کي ٽراما سينٽر منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت ان آپريشن جي نگراني ڪئي. وڏي وزير جي ترجمان رشيد چنا ٻڌايو آهي ته ٽراما سينٽر ۾ ڪل 52 زخمي آند ويا، جن مان 40 زخمين کي ملم پٽي بعد روانو ڪيو ويو، جڏهن ته 12 ڄڻا داخل آهن. جن مان 10 چڻا ٽراما سينٽر ۽ ٻن ٻارن کي ٻارڻ واري اسپتال ۾ منتقل ڪيو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي به واقعي تي افسوس ظاهر ڪندي کين ڀرپور طبي امداد جي هدايت ڪئي هئي. ٽرڪ سوار سڀ جو سڀ جوکيا برادري سان تعلق رکن ٿا ۽ ٺٽو جي ڳوٺ قاسم جوکيو سان ٻڌايو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو