شاهد جي بيان تي جارحانه رويو اختيار ڪندڙ اهلڪار گرفتار

شاهد جي بيان تي جارحانه رويو اختيار ڪندڙ اهلڪار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊي ايس پي شهري کي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران جارحاڻي رويي تي سب انسپيڪٽر کي حراست ۾ ورتو ويو. جسٽس شمس الدين عباسي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ڊي ايس پي سهراب ڳوٺ سهيل فيض عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته الزام ڪوڙا آهن، نيب زمينن تي قبضا ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪري رهي آهي.واقعي جي هڪ شاهد مولوي آصف عدالت ۾ پنهنجي بيان ۾ چيو ته درخواستگذار حبيب ولي کي منهنجي موجودگي ۾ ڌمڪيون ڏنيون ويون،سب انسپيڪٽر محمد امين عدالت ۾ بيان ڏيڻ تي مولوي آصف سان جارحاڻو رويو اختيار ڪيو.جسٽس شمس الدين عباسي سب انسپيڪٽر جي رويي جو نوٽيس وٺندي کيس فوري طور حراست ۾ وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت جي حڪم تي سب انسپيڪٽر کي حراست ۾ ورتو ويو.درخواستگذار جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته 19 آگسٽ تي پوسٽ انچارج حبيب ولي کي فون ڪيو ته ڊي ايس پي سهراب ڳوٺ کيس فون ڪيو ته جيئن ئي حبيب ولي ٿاڻي تي ويو ته ڊي ايس پي سج لٿي کان اڳ ڪراچي ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏني. ڪراچي نه وڃڻ تي ٻن ڄڻن کي جعلي پوليس مقابلي ۾ مارڻ جون ڌمڪيون، درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته ڊي ايس پي سهيل فيض خلاف قانون موجب ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي، درخواستگذار کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو به حڪم ڏنو وڃي.عدالت درخواستگذار حبيب ولي ۽ شاهد مولوي آصف کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت ڊي آءِ جي اولهه کي معاملي جي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو