خيرپور(سجاد علي ڪٻر)ٺري ميرواهه لڳ سڱاوتي تڪرار جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ هڪ همراهه قتل ٿي ويو ۽ ٻئي واقعي ۾ ٿيل جهيڙي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پهريون واقعو ڳوٺ فارم ۾ نوشهرو فيروز جو رهواسي نوجوان گلزار ماڙيچو ساهرن وٽ زال وٺڻ لاءِ آيو ته ساجن مل, موٽو مل, ليمو ۽ ٻين کيس بند ڪمري ۾ واڙي زبردستي زهريلي دوا پياري ڇڏي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمبٽ اسپتال نيو ويو جتي هو فوت ٿي ويو ڊاڪٽرن نوجوان جو موت زهريلي دوا پيئڻ سبب واقع ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. فوتي جي ڀاءُ ڀڳوان داس صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار ڌر سان سڱاوتي معاملي تي تڪرار هلندڙ هيو جنهن سبب منهنجي ڀاء کي ماريو ويو آهي. پوليس مک جوابدار ساجن مل کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ٻيو واقعو ڳوٺ حاجي عمرالدين خاصخيلي ۾ پيش آيو جتي سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا ٻن عورتن مسمات غلام فاطمه ,لعل خاتون سميت علم الدين ,غلام مصطفا ,ساجد ,راشد ,محمد حنيف زخمي ٿي پيا آھن جن کي کي ٺري ميرواه اسپتال علاج لاء آندو ويو ٺري ميرواه پوليس جاء وارڌات تي پهچي زخمي کي علاج لاء اسپتال پهچايو ٻئي ڪابه گرفتاري ۽ واقعي جوڪيس داخل نه ٿي سگهيو.










