اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سڪيورٽي ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبر قومي اسيمبلي مبين عارف کي وطن واپسي تي گرفتار نه ڪيو وڃي.جسٽس بابر ستار پي ٽي آءِ ميمبر قومي اسيمبلي مبين عارف جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ (پي سي ايل) مان ڪڍڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي درخواستگذار طرفان ايڊووڪيٽ رضوان اختر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته ڊي جي اميگريشن اينڊ پاسپورٽ مصطفيٰ جمال قاضي ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال ڊوگل به عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران ڊي جي اميگريشن اينڊ پاسپورٽ مصطفيٰ جمال قاضي عدالت کي ٻڌايو ته عام طور تي ايجنسين جي درخواست تي پي سي ايل ۾ نالا داخل ڪندا آهيون.عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي قانون تحت انهن جا نالا لسٽ ۾ آهن؟ ڊي جي اميگريشن اينڊ پاسپورٽ چيو ته هنن نالا لسٽ ۾ رولز 22 تحت رکيا آهن.جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس بابر ستار پڇاڻو ڪيو ته هي وفاق جو دائرو اختيار آهي، ان کي ڪيئن استعمال ڪيو؟ڊي جي اميگريشن اينڊ پاسپورٽ جواب ڏنو ته وفاقي ڪابينا رولز ۾ لکيل اختيار اختيار ڪيا آهن.










