سڀ کان وڏي ”ڪراچي ميراٿن“ اسرار خٽڪ کٽي ورتي

سڀ کان وڏي ”ڪراچي ميراٿن“ اسرار خٽڪ کٽي ورتي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جي سڀ کان وڏي ”ڪراچي ميراٿن“ پشاور جي اسرار خٽڪ کٽي ورتي.اسرار خٽڪ فل ميراٿون 2 ڪلاڪ 29 منٽ 58 سيڪنڊن ۾ مڪمل ڪئي.فل ميراٿن ۾ بهاولپور جو محمد رياض ٻئي نمبر تي رهيو.ساهيوال جي محمد اختر هاف ميراٿن ۾ فيلڊنگ ڪئي، هن فاصلو هڪ ڪلاڪ 12 منٽ 8 سيڪنڊن ۾ پورو ڪيو.هاف ميراٿن ۾ سيالڪوٽ جي محمد قاسم ٻي ۽ اٽڪ جي محمد عثمان ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. هاف ميراٿن جي گرلز ڪيٽيگري ۾ گلگت جي ممتاز نعمت فاتح رهي.ممتاز نعمت 21.5 ڪلوميٽر جو فاصلو هڪ ڪلاڪ 43 منٽن ۾ پورو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو