سينيٽ  ۾ سيف الله ابڙو ۽ ناصر بٽ وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

سينيٽ ۾ سيف الله ابڙو ۽ ناصر بٽ وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر سيف الله ابڙو ۽ سينيٽر ناصر بٽ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ جنهن سبب ايوان جو ماحول متاثر ٿيو.ايوان بالا جو اجلاس سينيٽر منظور احمد بطور پريزائيڊنگ آفيسر جي صدارت ۾ شروع ٿيو جنهن ۾ نائب وزيراعظم اسحاق سميت ٻيا ميمبر شريڪ ٿيا. اجلاس جي دوران مختلف اهم معاملن تي گرما گرم بحث ڏسڻ ۾ آئي چائلڊ پروٽيڪشن جي معاملي تي سينيٽر شهادت اعواڻ جي سوال جي جواب ۾ بيرسٽر عقيل ملڪ چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح ٻارن ۽ ايندڙن نسلن جو تحفظ آهي، هن ٻڌايو ته چائلڊ پروٽيڪشن اسنٽيٽيوٽ 2021 ۾ قائم ڪيو ويو ۽ انهي کان پوءِ سمورن انگن اکرن جو تفصيلي بريڪ ڊائون شيئر ڪيو ويو. بيرسٽر عقيل ملڪ چيو ته حڪومت شفافيت جون سموريون گهرجون پوريون ڪري رهي آهي، جيڪڏهن معاملو ڪميٽي ڏانهن اماڻيو وڃي ته حڪومت کي ڪوبه اعتراض نه ٿيدو. هن انهي ڳالهه کان به اتفاق ڪيو ٻارن جي تحفظ لاءِ وڌيڪ موثر قدمن جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ درياءَ سوان تي ڊيم جي تعمير بابت سوال تي سينيٽر علي ظفر جي پڇاڻي تي سينيٽر سيف الله ابڙو ٻڌايو ته منصوبي جي لاءِ جنوري 2026 ۾ نيس پاڪ کي ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو آهي. گذريل سيشن ۾ به اداري جي معاملن تي تفصيلي بحث ٿي چڪي آهي جڏهن ته موجوده ايم ڊي جي مقرري تي ميمبرن کي خدشا آهن.سيف الله ابڙو چيو ته نيس پاڪ کي تباهه ڪرڻ جي ڪوششن تي ميمبرن ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي هن معاملو ڪميٽي ڏانهن اماڻڻ جي تجويز ڏني.انهي دوران سينيٽر سيف الله ابڙو جي سنڌ جي دريائن ۾ پاڻي جي صورتحال بابت سوال تي وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪوبه شخص سمورن انگن اکرن جو حافظ نه هوندو آهي. ڳالهيون ڪرڻ وقت حقيقتن کي سامهون رکڻ گهرجي . حڪومت جوابده آهي ۽ اهائي نظام جي خوبصورتي آهي. انهي لاءِ هڪ ئي ڳالهه کي هر ڀيري ورجائڻ کان پاسو ڪيو وڃي.اجلاس جي دوران وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ ٻڌايو ته آءِ سي ٽي جي سمورين لائبريريز کي اي لائبريري ۾ ڪنورٽ ڪيو ويو آهي. عورت وڪيلن جي لاءِ ڊي ڪيئر سينٽر ٺاهيا ويا آهن. اسان سمورين ڪورٽس ۽ بارز کي ڊيجيٽلائز ڪري رهيا آهيون. انصاف جي فراهمي اسان جي ذميواري آهي ۽ اسان ڪوشش به ڪري رهيا آهيون.بحث جي دوران ايوان ۾ سينيٽر ناصر بٽ ۽ سيف الله ابڙو وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. سينيٽر ناصر بٽ چيو ته مان ڏسي رهيو آهيان ته ته هر سوال تي سيف الله ابڙو اٿي بيهي ٿور هي. خبر ناهي ته انهي سان مسئلو ڪهڙو آهي جنهن تي ايوان جو ماحول ڇڪتاڻ وارو ٿي ويو پر پريزائيڊنگ آفيسر ميمبرن کي صبر سان ڳالهيون ڪرڻ جي اپيل ڪئي.انهي موقعي تي سينيٽر اعظم سواتي چيو ته ٻوڏ کان بچاءُ جي لاءِ واٽر ريزروائرز وڌائڻ ضروري آهي. 2026ع تائين ڊيمز جي فيزيبلٽي رپورٽ تيار ڪئي ويندي جيڪا 10 سالن جي منصوبي تي ٻڌل هوندي. هن چيو ته منهنجي عمر ستر سال آهي، هاڻ ڪيترا ڏينهن رهجي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو