اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني اميد ظاهر ڪئي آهي ته اهو سينيٽر سيف الله ابڙو کي استعيفيٰ واپس وٺڻ جي فيصلي کي واپس وٺڻ تي راضي ڪري وٺي.پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته 27هين آئيني ترميم اڳ ئي سينيٽ مان منظور ٿي چڪي آهي، اپوزيشن ترميم ۾ جيڪا بهتري چاهي ٿي اها ڪئي وئي آهي.سينيٽ چيئرمين چيو ته سيف الله ابڙو لکت ۾ استعيفيٰ ناهي ڏنو جڏهن انهي جو استعيفيٰ ايندو ته ٿي سگهي ٿو ته انهي کي گهرائي وٺان ۽ استعيفيٰ نه ڏيڻ لاءِ پرچائي وٺان.ياد رهي ته تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ سيف الله ابڙو سينيٽ ۾ 27هين آئيني ترميم جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو هو جنهن کان پوءِ اجلاس کي خطاب ڪندي هن استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.










