سي سي آءِ جو اجلاس سڏايو وڃي،وڏي وزير جو وفاق کان مطالبو

سي سي آءِ جو اجلاس سڏايو وڃي،وڏي وزير جو وفاق کان مطالبو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو وفاقي حڪومت کان سي سي آءِ جو اجلاس سڏائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،ترجمان وزيراعلي سنڌ موجب وڏي وزير چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل (3) 154 موجب هر 90 ڏينهن اندر اجلاس گهرائڻ ضروري آهي، 9 مهينا پورا ٿيڻ تي آهن پر سي سي آءِ جو ڪو به اجلاس نه سڏايو ويو آهي، آئين موجب هن وقت تائين ٽي اجلاس ٿيڻ گهرجن ها،سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته اجلاس طلب ڪري آئيني ذميواري پوري ڪئي وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو