ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي سون جي منڊي ۾ سون جي قيمتن ۾ واڌ کان پوءِ ٻيهر گهٽتائي آئي آهي.آل پاڪستان بلين جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون جي قيمت 11,000 رپيا گهٽجي 468,262 رپيا ٿي وئي آهي.ملڪ ۾ 10 گرام سون جي قيمت 9,430 رپيا گهٽجي 411,459 رپيا ٿي وئي آهي.ٻئي طرف، عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 110 ڊالر گهٽجي 4,455 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.










