ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ۾ سون جي قيمت سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، هڪ ئي ڏينهن ۾ قيمت ۾ وڏو اضافو ٿي ويو. سون جي قيمت ۾ 21 هزار هڪ سئو روپين جو اضافو ٿيڻ سان نئين في تولي جي قيمت پهريون ڀيرو ساڍا پنج لک روپين کان وڌي وئي آهي.هڪ ئي ڏينهن ۾ سون جي قيمت ۾ ايترو وڏو اضافو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جنهن کان پوءِ سون جي في تولي جي قيمت 5 لک 51 هزار 961 روپيه ٿي وئي آهي.پهريون ڀيرو 10 گرام جي قيمت ۾ به هڪ ڏينهن ۾ وڏو اضافو ٿي ويو آهي، 10 گرام سون 16 هزار 90 روپيه مهانگو ٿيڻ سان 4 لک 72 هزار 961 روپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ 211 ڊالر جو اضافو ٿيو آهي جنهن کان پوءِ في اونس قيمت 5293 ڊالر جي بلد ترين سطح تي پهچي وئي آهي. چاندي جي قيمت به سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. چاندي جي في تولي جي قيمت 271 روپيه مهانگي ٿيڻ سان 11911 روپين جي رڪارڊ سطح تي پهچي وئي آهي.










