سنڌ ۾ غيرقانوني طور آيل 297 افغاني جيلن ۾ آهن، شرجيل

سنڌ ۾ غيرقانوني طور آيل 297 افغاني جيلن ۾ آهن، شرجيل

ڪراچي(رپورٽ باعي ساگر پنهوار)اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو آهي ته غير قانوني طور آيل 297 افغان مهاجر عورتون ۽ ٻارڙا سنڌ جي جيلن ۾ قيد آهن. اها ڳالهه هن خوارڪ واري وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ جيلن بابت وڏي وزير جي مشير اعجاز جکراڻي سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي. گذريل ڏينهن لانڍي جي ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ سلاخن پويان عورتن سان گڏ قيد ٻارڙن جي مسڪراهٽن واري تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد سنڌ حڪومت تي ٿيل ڇتي تنقيد جو جواب ڏيندي اها پريس ڪانفرنس ڪري وضاحت پيش ڪئي وئي. هن ٻڌايو ته صوبي ۾ 129 افغان مهاجر عورتون جيلن ۾ آهن، جن سان گڏ 178 ٻار آهن. هن اصرار ڪيو ته نابالغ ٻار گرفتار نه ڪيا ويا آهن. هن چيو ته قانون مطابق ستن سالن کان گهٽ عمر جو ٻار پنهنجي ماءُ سان گڏ جيل ۾ رهي سگهي ٿو. ميمڻ چيو ته وائرل ٿيل تصوير سنڌ جي ڪنهن به جيل جي ناهي.


هن چيو ته مان هڪ ڀيرو ٻيهر ٻڌايان ٿو ته اها تصوير سنڌ جي ڪنهن جيل جي ناهي. ”مان ورجائي رهيو آهيان ته سنڌ ۾ اهڙو ڪو به جيل ناهي جتي اها تصوير ورتي وئي هجي. ”ڪو به ٻار حڪومت جي ڪري جيل ۾ ناهي. جڏهن به انهن کي گرفتار ڪيو ويندو آهي، ايف آءِ اي (وفاقي جاچ ايجنسي) انهن کي عدالت ۾ وٺي ويندي آهي. ميمن چيو ته عدالت ٻارن کي جيل ۾ ماءُ سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏني هئي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو به غيرقانوني طور ايندو ته قانون حرڪت ۾ ايندو، هن وقت ڪيترائي افغاني، بنگالي ۽ نائيجيرين جيلن ۾ آهن. هن چيو ته 129 عورتن مان 75 انڊر ٽرائل آهن ۽ 54 کي عدالتن 2 مهينا قيد جي سزا ڏني آهي. هن ان موقعي تي هڪ ويڊيو به صحافين کي ڏيکاري جنهن ۾ جيل ۾ قيد عورتن جا ٻار ڪتاب پڙهي رهيا آهن. هن چيو ته جنوري ۾ هنن جون سزا ئون پوريون ٿينديون جنهن بعد کين ڊيپورٽ ڪيو ويندو. هن چيو ته قيدين کي خوراڪ، دوائون هر شئي ملي رهي آهي. ٽوئٽر تي وائرل ٿيل تصويرن بعد گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ڪمشنر افسوس ظاهر ڪندي کين قانون مطابق سلوڪ ڪرڻ تي زور ڀريو هو. قيد افغان عورتن جي وڪيل ثمر عباس سنڌ حڪومت جو موقف رد ڪندي چيو ته اها تصوير سٽي ڪورٽ جي بخشي خاني جي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو