ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي ليڪچرار جي ڀيڻ مبينا طور اغوا ٿي وئي ليڪچرار ثمرين جاويد 35 سالن جي ڀيڻ ورده جي اغوا جو ماڙيپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ورتو ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته آئون هاڪس بي واري علائقي ۾ ماءُ ۽ ڀينرن سان گڏ رهندي آهيان هن چيو ته گذريل ڏينهن کان منهنجي ڀيڻ گم آهي، خدشو آهي ته کيس زنا جي نيت سان اغوا ڪيو ويو آهي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد جاچ شروع ڪري ڏني










