سنڌ حڪومت گرمي جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ حڪومت گرمي جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت گرمي جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي تعليم کاتي موجب اسڪولن ۾ گرمي جون موڪلون پهرين جون کان 31 جولاءِ تائين هونديون. اختيارين ٻڌايو ته فيصلو سمورن نجي ۽ سرڪاري اسڪولن تي لاڳو هوندو. ياد رهي ته پنجاب حڪومت به اسڪولن ۾ گرمي جي 3 مهينن جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي تعليم واري وزير رانا سڪندر حيات موڪلن جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته پنجاب ۾ گرمي جون موڪلون 22 مئي جمعي جي ڏينهن کان شروع ٿينديون. پنجاب جي تعليم واري وزير چيو ته گرمين جي موڪلن کان پوءِ اسڪول 24 آگسٽ تي کوليا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو