اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) هيڪرز طرفان معلومات چوري ڪرڻ لاءِ 12 نيون چيٽ ايپليڪيشن استعمال ڪرڻ تي ڪابينا ڊويزن سمورن وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن کي خبردار ڪندي خط موڪليو آهي. ذريعن موجب هيڪرز مجموعي طور تي 132 ايپليڪيشنن ذريعي اهم معلومات تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ هاڻي هيڪرز معلومات چوري ڪرڻ لاءِ 12 نيون چيٽ ايپليڪيشنون پڻ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. خط ۾ سرڪاري آفيسرن کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو انٽرنيٽ تان ڪنيڪٽ ٿي مشهور اينٽي وائرس انسٽال ڪري پنهنجو موبائل فون اسڪين ڪن. سرڪاري آفيسرن کي اڻ ڄان ايپليڪيشن ۽ وائي فائي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.










