سريلنڪا لاءِ انساني بنياد تي موڪليل امداد ۾ ڀارت رڪاوٽ بڻيل آهي

سريلنڪا لاءِ انساني بنياد تي موڪليل امداد ۾ ڀارت رڪاوٽ بڻيل آهي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان طرفان سريلنڪا جي لاءِ انساني همدرد جي بنياد تي امدادي مشن ۾ ڀارت رڪاوٽ بڻجي ويو.پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب ڀارت مسلسل پاڪستان طرفان سريلنڪا ڏانهن اماڻيل انساني امداد جي رستي ۾ رنڊڪ بڻجي رهيو آهي. پاڪستان جو خصوصي جهاز گذريل 60 ڪلاڪن کان ڀارت طرفان فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ سبب دير جو شڪار آهي.پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب ڀارت 48 ڪلاڪن بعد جيڪا جزوي ڪليئرنس ڏني اها عملي طور تي استعمال ڪرڻ جوڳي نه هئي. نهايت محدود ٽائيم جي لاءِ اجازت ڏني وئي ۽ واپسي جي سفر لاءِ ڪابه منظوري ناهي ڏني وئي جنهن سبب هنگامي امدادي مشن سخت متاثر ٿيو.هن چيو ته پاڪستان سريلنڪا جي ڀائيچاري جي جذبي جي تحت فوري امداد پهچائڻ جي لاءِ پرعزم آهي پر ڀارتي هٺ ڌرمي انسانيت جي انهي اهم مشن جي رستي ۾ رنڊڪ بڻيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو