سانگهڙ (ن س )او جي ڊي سي ايل سنڌ جي ضلعي سانگهڙ ۾ تيل ۽ گئس جو وڏو ذخيرو دريافت ڪيو آهي.او جي ڊي سي ايل جي ترجمان موجب بلوچ کوهه نمبر 2 مان 388 بيرل روزاني خام تيل دريافت ڪيو ويو آهي.بلوچ کوهه 2 مان 68 لک ڪيوبڪ فوٽ روزاني گئس پڻ دريافت ڪئي وئي آهي.بلوچ کوهه 2 جي کوٽائي فيبروري 2024ع ۾ شروع ڪئي وئي هئي، 3 هزار 920 ميٽرن تائين کوٽائي کانپوءِ تيل ۽ گئس جا ذخيرا دريافت ڪيا ويا آهن.او جي ڊي سي ايل جي ترجمان چيو ته او جي ڊي سي ايل سنجهورو بلاڪ جي ڪيسمير فارميشن ۾ وڌيڪ کوهه کوٽڻ جو ارادو رکي ٿي.










