اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 2 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي اسان هڪ قوم جي حيثيت سان ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو هو، ڀارتي فوج جي اڳرائي خلاف ڀررپور جوابي ڪارروائي تي قوم ۽ هٿياربند فوج کي واڌايون ڏيان ٿو. آپريشن سوئفٽ رٽارٽ کي 2 سال پورا ٿيڻ تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته ڪنٽرول لائين تي سيز فائر معاهدي جي بحالي جي آجيان ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان سدائين امن لاءِ ڪم ڪندو آهي، اسان سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو عزم رکون ٿا، ڀارتي فوج جي غير ذميواراڻي قدم باوجود پائلٽ کي واپس ڪري اسان ذميواراڻو عمل اختيار ڪيو، هاڻي وڌيڪ اڳڀرائي لاءِ سازگار ماحول جوڙڻ جي ذميواري ڀارت تي آهي.










