ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي سائيٽ ٽائون علائقي ۾ وڌيڪ 14 ٻار ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.اسپتال انتظاميا موجب، 2 متاثر ٻار فوت ٿي ويا آهن، متاثر ٻار پٺاڻ ڪالوني سائيٽ ٽائون سان تعلق رکن ٿا. ٻارن کي علاج لاءِ مختلف اسپتالن ڏانهن ريفر ڪيو ويو آهي.سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي متاثر ٻارن جو انگ 4 هزار تائين پهچي ويو آهي. هن سال تائين ايڇ آءِ وي جا 2 هزار 300 کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.










