زمين تي تڪرار، پوليس اهلڪار شهيد

زمين تي تڪرار، پوليس اهلڪار شهيد

ٺارو شاهه(ن سنڌيار) ڪچي واري علائقي ۾ زمين تي چانڊيا ڪلھوڙا تڪرار تيز, فائرنگ ۾ پوليس بڪتر بند گاڏي جو ڊرائيور شھيد, فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو. ڪچي واري علائقي ۾ چانڊيا ڪلھوڙا تڪرار رڪجي نه سگھيو فائرنگ جي نتيجي ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ لاء آيل پوليس بڪتربند گاڏي جو ڊرائيور ميھر مشوري موقعي تي شھيد ٿي ويو شھيد اھلڪار جو لاش ضروري ڪاروائي لاء تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان شھيد اھلڪار جو لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا شھيد اھلڪار جو تعلق خيرپور ضلعي جي شھر سڳيون سان ٻڌايو پيو وڃي ھوڏانھن واقعي جو اطلاع ملڻ تي ڊي آء جي شھيد بينظير آباد يونس چانڊيو ايس ايس پي نوشھرو فيروز عبدالقيوم پتافي واقعي واري ھنڌ پھچي ويا ۽ پوليس جي وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي. تڪرار بعد علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس ڇانيل جڏھن ته آسپاس جا رھواسي گھرن تائين محدود ٿي ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو