زرتاج گل جي نظربندي کي فوري ختم ڪري آزاد ڪرڻ جو حڪم

زرتاج گل جي نظربندي کي فوري ختم ڪري آزاد ڪرڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ملتان بينچ اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ زرتاج گل کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ ملتان بينچ جي جسٽس محمد وحيد خان زرتاج گل جي نظربندي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران درخواستگذار جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو. وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ جسٽس محمد وحيد خان زرتاج گل جي نظربندي فوري ختم ڪري آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. تحريڪ انصاف جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي زرتاج گل کي ڊي آءِ خان حراست ۾ ورتو ۽ سندس مڙس طرفان سندس گرفتاري خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو