زخمي صحافي نصرالله جي طبيعت سڌرڻ لڳي، حملي خلاف مظاهرا

زخمي صحافي نصرالله جي طبيعت سڌرڻ لڳي، حملي خلاف مظاهرا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل ميرپور ماٿيلو جي صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ طبيعت سڌرڻ لڳي،نصرالله گڏاڻي کي گذريل ڏينهن ايئر ايمبولنس ذريعي رحيم يار خان مان ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو، نصرالله گڏاڻي تي قاتلاڻي حملي خلاف سنڌ ۾ مظاهرا جاري آهن، ميرپور ماٿيلو ۾ ايس ايس پي آفيس جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو جاري رکيو ويو، قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو ويو، سيوهڻ، ڪنڌرا، حيات پتافي، منهڙو، مورو ۽ باڊهه ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ صحافين طرفان احتجاج ڪيو ويو، مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته نصرالله گڏاڻي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي، صحافي تي قاتلاڻو حملو ڪندڙن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو